جي ميل دنيا جي مشهور ترين اي ميل سروس آهي ۽ ان جو نئون فيچر واهيپدارن کي ضرور پسند ايندو.
ان فيچر جي ڪري واهپيدارن لاءِ اي ميل لکڻ گھڻو سولو ٿي ويندو.
گوگل جي ان سروس ۾ وائيس ڪمپوز نالي فيچر جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
اهو فيچر واهپيدار جي آواز کي استعمال ڪري اي ميل لکي ڊرافٽ ۾ مدد فراهم ڪندو.
اي ميل ڊرافٽ ٿيڻ بعد هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي ان اي ميل کي حتمي شڪل ڏيندي جنهن کان پوءِ واهپيدار ان کي سينڊ ڪري سگھندو.
اهو نئون فيچر جي ميل جي هيلپ مي رائيٽ نالي ٽول جو حصو هوندو.
9ٽو 5 گوگل جي رپورٽ موجب اهو فيچر اڃا آزمائشي مرحلي مان گذري رهيو آهي.
اهو فيچر انهن واهپيدارن لاءِ گھڻو ڪم جو هوندو جيڪي سفر ڪندي يا ڪم دوران اي ميل موڪلڻ جا خواهشمند هوندا.
جيتوڻيڪ اهو فيچر اڃا آزمائشي مرحلي مان گذري رهيو آهي ته هن وقت اڃا اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين سڀني واهپيدارن لاءِ ان کي متعارف ڪرايو ويندو.