شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ پلاٽ جي معاملي تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جھيڙو ھڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا، واقعو شھر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيلرا ۾ پيش آيو آهي جتي چاچن ۽ ڀائٽين وچ ۾ پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري ٽي ڄڻا بشير احمد، سليم احمد ۽ علي رضا سيلرو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال آندو ويو جتي بشير سيلرو جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري ڊاڪٽر طبي امداد ڏيئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو جيڪو اسپتال پھچڻ دوران زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ڳوٺ واري سرڪاري گرلس اسڪول ۾ نائب قاصد ھو جنهن کي 8 ڌيئرون ھڪ پٽ ۽ ھڪ معذور ڀاءُ آهي .