رات جو ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ ضروري آهي، نه ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟

تازو ئي برطانيا ۾ ٿيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته رات جو پنجن ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ ڪرڻ سان ڊپريشن جو خطرو ڌي سگھي ٿو.
ان کان اڳ 32 ملڪن جي ماهرن طرفان ڪيل هڪ تحقيق مان خبر پئي هئي ته ڊپريشن سان ننڊ جي مسئلن سوڌو اعصابي مسئلا به يپدا ٿيندا آهن جيڪي فالج جو سبب بڻجي سگھن ٿا.
ننڊ ۾ خرابي ۽ دماغي صحت وچ ۾ واسطي بابت سڀني کي خبر آهي پر اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته ڪهڙي مسئلي جون علامتون پهريان ظاهر ٿينديون آهن پر هاڻي سائنسدانن کي شاهديون مليون آهن ته رات جو لاڳيتو گھٽ ننڊ ڪرڻ سان ڊپريشن جون علامتون پيدا ٿيڻ سان خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو.
رپورٽ موجب محققن انگلش لاگيٽوڊينل اسٽڊي آف ايجنگ ذريعي 7 هزار 146 ماڻهن جي جينياتي ۽ صحت جي ڊيٽا جو جائزو رتو، شروعاتي تحقيق مان خبر پئي ته جيڪڏهن فيملي ۾ ڪنهن کي ڊپريشن هجي ته خاندان جي ٻين ماڻهن کي به اها بيماري ٿي سگھي ٿي پر ان جي شرح 35 سيڪڙو هئي، ۽ اهو ته جينياتي اختلاف ننڊ جي وقت ۾ 40 سيڪڙو فرق جو سبب بڻبا آهن، ڊپريشن سبب ننڊ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
جڏهن محققن تحقيق ۾ شامل ماڻهن جو ڪيترن ئي سالن کان جائزو ورتو ته محققن کي خبر پئي ته جيڪي ماڻهو رات جو پنجن ڪلاڪن کان گھٽ سمهندا آهن انهن ۾ 4 کان 12 سالن جي عرصي ۾ ڊپريشن جون علامتون پيدا ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي، پر اهي ماڻهو جيڪي جينياتي طور تي ڊپريشن جو شڪار هئا انهن ننڊ جي وڌيڪ مسئلن کي منهن نه ڏنو.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي ننڊ جي وقت جو جائزو ورتو ويو ته شروعاتي تحقيق مان خبر پئي ته 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو رات جو 5 ڪلاڪن کان گھٽ سمهندا هئا پر تحقيقي جي پڄاڻي تي اها شرح 10 سيڪڙو تائين وڌي وئي هئي.
ان کانسواءِ شروعاتي جائزي ۾ جن ماڻهن ۾ ڊپريشن جون علامتون هيون انهن جي شرح 9 سيڪڙو هئي جيڪا تحقيق جي پڄاڻي تي 11 سيڪڙو تائين وڌي وئي هئي.
رپورٽ موجب 5 ڪلاڪ يا انهن کان گھٽ ننڊ ڪندڙ ماڻهن ۾ ڊپريشن جون علامتون پيدا ٿيڻ جو امڪان 2.5 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
جيتوڻيڪ اهي نتيجا ماڻهن لاءِ حوصلو وڌائيندڙ ناهن جيڪي اڳ ئي ننڊ جي مسئلي جو شڪار آهن، پي ايڇ ڊي جي اميدوار ۽ تحقيق جي ليکڪ اوڊيسا هيملٽن زور ڏنو ته گھٽ ننڊ ۽ ڊپريشن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي، سٺي ذهني صهت ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي.
هن مشورو ڏنو ته ننڊ کي ترجيح ڏيڻ لازمي آهي، اوهان انهن مسئلن جو جينياتي طور تي شڪار ٿي سگھو ٿا پر اوهان انهن خطرن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.