ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ ووٽ نه ڏئي ها ته شهباز شريف ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿئي ها، ايندڙ وزيراعطم نواز شريف نه بلاول ڀٽو هوندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته مُلڪ ۽ قوم جي خدمت رڳو پيپلز پارٽي جي تاريخ آهي، جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪڏهن مقرر وقت تي چونڊون نه ٿيون ته اِهو آئين سان هٿ چراند برابر هوندو.
هن چيو ته ن ليگ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ منٿون ڪيون هيون، پ پ ووٽ نه ڏئي ها ته شهباز شريف ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿئي ها، ايندڙ وزيراعظم نواز شريف نه بلاول ڀٽو هوندو.
پ پ اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي سياسي جماعتن کان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر رياست مخالف ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي حملو ڪندڙن سان ڳالهيون نه ٿينديون.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، نگران حڪومت مسلم ليگ ن کي سهولتون ڏئي رهي آهي، نواز شريف کي جيترو رليف مليو ان جو مثال نٿو ملي، واضح ٿي ويو ته ن ليگ عدليا کان رليف وٺن جي ماهر آهي.