ماءُ سمجهي ويٺي ته علي ظفر سان شادي ڪنديس:ريچا چڊا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ريچا چڊا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي هڪ سال بعد انڪشاف ڪيوآهي ته جڏهن هن ماءُ کي شادي جو ٻڌايو ته سندس ماءُ سمجهي ويٺي ته هوءَ پاڪستاني گلوڪار علي ظفر سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
ريچا چڊا آڪٽوبر 2022ع ۾ بالي ووڊ جي مسلمان اداڪار علي فضل سان شادي ڪئي هئي ۽ هن وقت گھڻو ڪري سوشل ميڊيا واهپيدار ۽ انڊين صحافي به اهو ئي سمجهي ويٺا هئا ته اداڪارا پاڪستاني گلوڪار سان شدي ڪندي.
اهڙِيءَ طرح اداڪارا جي ماءُ به اهو سمجهي ويٺي ته هن جي ڌيءَ ٻن ٻارن جي پيءُ علي ظفر سان شادي ڪندي.
ريچا چڊا تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مسلمان اداڪار سان لاڳاپن ۽ شادي تي کُلي ڪري ڳالهايو، گڏ ئي هن پنهنجي ڪيريئر بابت به ڳالهايو.
اداڪارا ٻڌايو ته هوسک پنجابي خاندار مان آهي ۽ سندس پالڻا نئين دهلي ۾ ئي ٿي.
هن موجب هن اداڪاري جي شروعات ڪئي ته مائٽياڻيون هر وقت اچي کائنس پڇنديون هيو ته هوءَ شادي ڪڏهن ڪري رهي آهي، ان کان تنگ ٿي هن پنهنجي پنجابي ڪميونٽي کان ٻاهر لاڳاپا رکيا.
سندس چوڻ هو ته علي فضل سان هن جي ملاقات ڪاميڊي فلم ”فقري“ جي شوٽنگ دوران ٿي هئي ۽ اتي هنن ٻنهي لاڳاپا قائم ڪيا جيڪي بعد ۾ محبت ۽ پوءِ رشتي ۾ تبديل ٿي ويا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ”فقري“ فلم ۾ علي فضل سان ”ظفر“ نالي جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جڏهن هن ماءُ کي ٻڌايو ته هوءَ فضل سان شادي ڪرڻ پئي وڃي ته سندس ماءُ حيران ٿي وئي.
ريچا چڊا ٻڌايو ته هن جي ماءُ کيس ٻڌايو ته علي ظفر ته پاڪستان جي شهر لاهور سان واسطو رکي ٿو، هو اڳ کان شادي شدا ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، مشڪل ٿيندي.
اداڪارا موجب جڏهن ماءُ هن کي پاڪستاني گلوڪار علي ظفر جو ٻڌايو ته هوءَ حيران ٿي وئي ۽ هن ماءُ کي سمجهايو ته هن جو ٿيندڙ مڙس اهو ظفر ناهي پر هتان جو علي فضل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.