اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جو قائد۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف چئن ورهين جي پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو.

نواز شريف چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپسي لاءِ دبئي ايئرپورٽ کان اسلام آباد پهتو.

نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ جهاز ”اميد پاڪستان“ هڪ ڪلاڪ 20 منٽ دير سان ڏهه لڳي 42 منٽن تي دبئي ايئرپورٽ کان روانو ٿيو هو.

مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف سان گڏ 148 مسافر خاص اڏام ۾ ڏيهه پهتا جڏهن ته ليگي اڳواڻ عرفان صديقي، ناصر جنجوعا ۽ ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ آهن.

اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ پارٽي قائد جي آڌرڀاءُ ڪرڻ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم جي وطن واپسي جي موقعي سندس قانوني ٽيم اسلام آباد هوائي اڏي تي موجود هئي.

اسلام آباد ايئرپورٽ تي نواز شريف جي اميگريشن جو عمل مڪمل ڪيو ويو جتي سندس پاسپورٽ تي پاڪستان ۾ داخلا جي مُهر لهائي وئي.

ايئرپورٽ تي اسٽيٽ لائونج ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ن ليگ جي قانوني ٽيم سان مشاورت ٿي جنهن کانپوءِ هن قانون دستاويزن تي صحيحون ڪيون.

اڳوڻي وزيراعظم جو خاص جهاز دبئي کان اسلام آباد پهتو جتان لاهور لاءِ روانو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.