سعيد غني ۽ حليم عادل شيخ ۾ ٺاهه، عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايند سيشن جج ڏکڻ پ پ اڳواڻ سعيد غني ۽ پي ٽي آءِ ليڊر حليم عادل شيخ ۾ ٺاهه سبب چئن ڪيسن جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

عدالت حليم عادل شيخ ۽ سعيد غني طرفان صلح نامو جمع ڪرائڻ تي چار ئي ڪيس خارج ڪري ڇڏيا.

سعيد غني ٻڌڻي دوران عدالت ۾ چيو ته حليم عادل شيخ مون تي مڙهيل سمورا الزام واپس وٺي ڇڏيا آهن، الزام واپس وٺڻ تي مون چار ئي ڪيس واپس ورتا آهن، حليم عادل شيخ مون سان معذرت ناهي ڪئي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ عدالت ۾ چيو ته اِهي ڪيس ٽن سالن کان ٻڌڻي هيٺ هئا، جج صاحب جي سمجهائڻ تي مون پنهنجا سمورا الزام واپس وٺي ڇڏيا آهن، ڪا به سياسي ڳالهه نٿو ڪري سگهان، مون تي پابندي آهي.

حليم عادل شيخ عدالت ۾ وڌيڪ چيو ته سياسي گفتگو سبب جيل عملدار عدالتن ۾ پيش نٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.