ورلڊ ڪپ: آءِ لينڊرز لاڳيتو شڪستن جي ڪسر نيڌرلينڊز مان ڪڍي ڇڏي

لکنئو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 19 هين ميچ ۾ سريلنڪا نيڌرلينڊز کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي عالمي ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

لنڪن ٽائيگرز سمارا وڪرما جي ناقابلِ شڪست 91 رنسن جي مدد سان 263 رنس جو هدف 48 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.

اِها ميچ لکنئو جي اڪانا اسپورٽس سٽي ۾ نيڌرلينڊز جي ڪتپان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي 49.2 اوورن ۾ 262 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

نيڌرلينڊز طرفان سائبرينڊ اينجل بريڪٽ 70 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ان کانسواءِ لوگن وين بيڪ 59 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا دلشان مڌوشانڪا ۽ ڪاسوان رجيٿا چار، چار جڏهن ته مهيش ٿيڪشنا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

263 رنسن جو ٽارگيٽ سريلنڪا 49 هين اوور ۾ حاصل ورتو، سمارا وڪرما 91 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.

پٿم نسانڪا 54 ۽ چريٿ اسالنڪا 44، ڌننجيا ڊي سلوا 30 ۽ ڪوشل مينڊس 11 رنسون ٺاهيون.

نيڌرلينڊز جي آريان دت ٽي، ڪولن ايڪرمين ۽ ميڪيرن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

سديرا سمارا وڪرما کي شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.