دنيا فلسطينين جي حفاظت نه ڪندي، خدا کان دعا گھرو:سوارا ڀاسڪر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي کُلي ڪري آواز اٿاريندڙ ڀالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر چيو آهي ته دنيا بيگناهه فلسطينين جي حفاظت نه ڪندي ان ڪري جيڪو جنهن عقيدي جو پيروڪار آهي اهو پنهنجي خدا کان سندن حفاظت جي دعا گھري.
سوارا ڀاسڪر جيان ڀارتي اداڪارا ثنا خان ۽ گوري خان به فلسطينين لاءِ مداحن کان دعا جي اپيل ڪئي.
اداڪارا سوارا ڀاسڪر انسٽاگرام تي پنهنجي تازي ڄاول ڌيءَ سان گڏ تصوير شيئر ڪندي فسلطين جي حق ۾ ڊگھي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ اعتراف ڪيو ته سندس ڌيءَ خوشنصيت آهي جو اها غزا ۾ نه ڄائي.
بالي ووڊ اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته جيڪڏهن هن جي ڌيءَ غزا ۾ ڄمي ها ته هوءَ سندس حفاظت ڪيئن ڪري ها؟
هن لکيو ته غزا ۾ تازا ڄاول ٻار ۽ سندن مائرون قتل ٿي رهيون آهن پر هوءَ ۽ هن جي ڌيءَ خوشقسمت آهن ته جو سڪون جي زندگي گذاري رهيا آهن.
سوارا ڀاسڪر لکيو ته وڏين طاقتن جي اجازت ۽ سندن سهاري سان غزا جي اسپتالن تي بم ڪيرايا پيا وڃن، اتي گھرن ۽ رليف ڪيمپس سوڌو چرچز کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ سڀني کي گذارش ڪيئ ته هو جنهن به مذهب جا پيروڪار آهن، اهي پنهنجي خدا کان غزا جي ٻارن جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ دعا گھري، ڇو جو دنيا سندن حفاظت ناهي ڪرڻ واري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.