لاهور(م ڊ) صنم جاويد کي آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد کي ٻيو ڀيرو آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت صنم جاويد کي ضمانت بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، آزادي کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.گرفتاري کانپوءِ پوليس صنم جاويد کي قيدي وين ۾ کڻي ڪوٽ لکپت جيل روانو ٿي ويو، ان کان اڳ به صنم جاويد کي آزاد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو هو.