ماڙي جلباڻي واقعو: معاوضي جو اعلان، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي: حارث نواز

نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) صوبائي وزير گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختيار گڏجي ماڙي  جلباڻي ۾ شهيد ٿيلن جي ڳوٺ پهچيوارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاني نقصان جو ازالو ناهي ٿيندو واقعي بابت اسان کي تمام گهڻو افسوس آهي، واقعي جي انڪوائري بورڊ جي رپورٽ هڪ هفتي اندر اچي ويندي جنهن بعد واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هنن چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي ۾ فوت ٿيلن کي شهيد چوڻ ڪو غلط ناهي، حارث نواز ماڙي جلباڻي واقعي ۾ هر هڪ فوتي جي لاءِ 80 لک رپيا ۽ زخمين  لاءِ 20،20 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، فوتين ۽ زخمين جي ٻارن جي تعليم جو خرچ سنڌ حڪومت ادا ڪندي، هنن چيو ته واقعي ۾ ڪير ڪير ملوث آهي ۽ ڪنهن پهرين فائرنگ ڪئي انڪوائري ۾ ظاهر ٿي ويندو انڪوائري رپورٽ مطابق جيڪو به واقعي جو ذميوار هوندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،انڪوائري رپورٽ تي ڪو به اثر نه پوندو فوتين ۽ زخمين جي وارثن کي امدادي رقم جا چيڪ وزير اعليٰ سنڌ پاڻ ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.