غزا(م ڊ)عالمي سفارتي ڪوششون به اسرائيل کي فلسطينين جي رت سان پنهنجا هٿ رنگڻ کان روڪي نه سگهيون، غزا ۾ اسرائيلي فوج هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 433 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.غزا تي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 3500 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي بربريت ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 13 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن.غزا ۾ جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ اسرائيلي هوائي فوج طرفان ٻن گهرن تي بمباري ڪئي وئي، هڪ واقعي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻئي ۾ هڪ ئي خاندان جا 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا.اسرائيلي فورسز مغربي غزا پٽي ۾ ريڊ ڪريسنٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۽ القدس اسپتال جي ويجهو 30 منٽن تائين رهائشي عمارتن ۽ روڊن تي گولا باري ڪئي.ٻئي طرف الشفا اسپتال جي ڀر واري علائقي ۾ به بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهيد ٿي ويا.خان يونس ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران هلندڙ اسڪول کي به ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڀرسان هڪ گهر پڻ تباهه ٿي ويو، جنهن سبب وڏو انگ مارجي ويو.البڪري هائوس تي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته الزيتون جي علائقي ۾ گهرن تي 20 بم ڪيرايا ويا، جنهن سبب سمورا گهر ملبي جو ڍير بڻجي ويا.فلسطيني ميڊيا موجب غزه کان علاوه ويسٽ بئنڪ ۾ 64 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، جن مان 55 عورتون ۽ ٻارڙا آهن،هوڏانهن مصر غزه ۾ اسرائيلي بمباري کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي،جڏهن ته گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جاري جنگ جو ٻين علائقن تائين پکڙجڻ جو حقيقي خطرو موجود آهي ۽ هي بي حد خطرناڪ صورتحال آهي، وچ اوڀر جي امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ڪوآرڊينيٽر ٽوروينس لينڊ سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان کي خطي ۽ عالمي برادري لاءِ هڪ تباهي آڻيندڙ ۽ واضح طور تي مشڪل چئلينج درپيش آهي