ڇا اسان کي اک ڦڙڪڻ تي پريشان ٿيڻ گھرجي؟

ڇا اڪثر اکيون ڦڙڪڻ تي اسان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي يا اهو ڪنهن حد تائين بُرو آهي؟
هونئن ته ان حوالي مختلف خيال موجود آهن جيئن چيو ويندو آهي اها ڪجهه سٺو يا بُرو ٿيڻ جي نشاني آهي، پر اهڙن خيالن کي نظر ۾ رکندي طبي سائنس ان بابت ڇا ٿي چوي؟
يعني جيڪڏهن اوهان سان ائين ٿيندو آهي ته ڇا اها ڪنهن بيماري جي خطري جي نشاني ته ناهي؟
سٺي خبر اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ۽ ان حوالي سان فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي Addenbrooke هاسٽل جي ڊاڪٽر Cornelius Rene موجب مختلف سببن جي ڪري اوهان جون پنبڻيون لاڳيتو ڦڙڪڻ لڳنديون آهن.
هن چيو ته ان جي عام سبب کي طبي ٻولي ۾ blepharospasm يا بي اي بي چيو ويندو آهي، جيڪو پنبڙين جي پٺن جي بي قابو سسڻ جو نتيجو هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اڪثر ان جو تجربو ڪنهن بيماري کانسواءِ ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن هڪ اک ڦڙڪي ته ان کي myokymia چيو ويندو آهي، جيڪو گھڻو معمولي عارضو آهي جيڪو پاڻ ئي ٺيڪ به ٿي ويندو آهي.
ڪجه ماڻهن لاءِ بي اي بي کان بچڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي.
تحقيقي رپورٽن موجب 20 کان 30 سيڪڙو متاثر ماڻهن ۾ ان عارضي جي خانداني تاريخ هوندي آهي.
پر ان کان هٽي ڪري به ڪجهه عنصر ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندا آهن.
2022ع جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته شهري ماحول يا دٻاءَ واري ملازمت به ان حوالي سان ڪرادار ادا ڪندڙ عمل آهن.
اهڙيءَ طرح ٽي وي يا ڪمپيوٽر جي آڏو گھڻو وقت گذارڻ سان به myokymia جو خطرو وڌندو آهي، جڏهن ته ڪيفين وارن شربتن جهڙوڪ چانهه يا ڪافي جي گھڻي استعمال سان به ان کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر Cornelius Rene ٻڌايو ته myokymia جو عارضو ڪجهه وقت ڪجهه منٽن، ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن اوهان ان کان بچڻ چاهيو ٿا ته ڪيفين وارن شربتن جو استعمال گھٽايو يا پنهنجي دٻاءَ ۾ گھٽتائي آڻڻ جي ڪوشس ڪريو.
طبي ماهرن موجب جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ اهو مسئلو ختم نه ٿئي يعني ٻن هفتن کان وڌيڪ اکيون ڦڙڪن ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنهن غير معمولي تبديلي جهڙو جلن محسوس ٿئي ته پوءِ ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪنهن لڪيل مسئلي جو اشارو هجي.
هنن ٻڌايو ته اها پارڪنسن يا multiple sclerosis جهڙن مرضن جي شروعاتي نشاني ٿي سگھي ٿي.
دماغ جي ڪنهن عارضي سبب به پٺا دٻاءَ جو شڪار هوندا آهن جنهن سان به اکيون ڦڙڪڻ جي مسئلي کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
ڪيترائي ڀيرا بي اي بي جي سنگين شدت روز جي معمولن کي ڏکيو بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي ته جيئن اهي سبب جي سڃاڻپ ڪري ان موجب علاج ڪري سگھن.
ڪڏهن ڪڏهن اکيون ڦڙڪڻ تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي پر ڪجهه عام طريقن تي عمل ڪري اکين جي گڏيل صحت کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو.
جيڪڏهن اوهان اسڪرين جي آڏو گھڻو وقت گذاريندا آهيو ته هر 20 منٽن بعد 20 سيڪنڊن تائين اسڪرين تان نظرون پري رکو.
ماهرن موجب اسڪرين جي آڏو اکيون ڇنڀڻ نه وساريو، حيران ڪندڙ طور تي اسڪرين جي آڏو گھڻا ماڻهو ائين ڪرڻ وساري ڇڏيندا آهن، اکيون ڇنڀڻ اکين لاءِ فائديمند هوندو آهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرورت مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.