بدين (پ ر) آءِ آر سي (انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي) پاڪستان بدين ضلعي ۾ پاڻي ۽ صفائي جا اهم منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتا، اهي منصوبا 2022 جي ٻوڏ سان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ شروع ڪيا ويا هئا.
آءِ آر سي وڏي پئماني تي پاڻي جي فراهمي جو نظام ٻيهر فعال ڪيو آهي، جنهن سان 1500 کان وڌيڪ گهرن کي صاف پاڻي فراهم ٿي سگهندو، ان نظام کي پائيدار ۽ جديد بڻائڻ لاءِ شمسي توانائي سان هلندڙ پمپ لڳايو ويو آهي، مضبوط رستا ٺاهيا ويا آهن ۽ پاڻي جي ذريعن کي محفوظ رکڻ لاءِ مضبوط ڀت اڏي وئي آهي.
ان پاڻي فراهمي جي نظام جو افتتاح پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر صابر علي ميمڻ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ياسمين شاهه ڪيو.
صابر علي ميمڻ چيو ته هي منصوبو متاثرن جي بحالي لاءِ اهم آهي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو ان جي سار سنڀال ڪندو ته جيئن پاڻي جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي سگهجي، ان منصوبي کانسواءِ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ۾ صفائي جي سهولتن کي به بهتر بڻايو ويو آهي، جن ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ پاڻي جو پمپ، محفوظ رستا، حفاظتي ڀت ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن، اهي قدم شاگردن جي صحت ۽ تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن.
ايم پي اي ياسمين شاهه چيو ته صاف پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون نه رڳو صحت لاءِ ضروري آهن پر ڇوڪرين جي تعليم لاءِ به تمام اهم آهن، آءِ آر سي جو اهو قدم اسان جي ٻارڙين لاءِ هڪ بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ان موقعي تي آءِ آر سي جي صوبائي سربراهه شمع شيخ چيو ته ڪميونٽي کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ پاڻي ۽ صفائي جي نظام جو هجڻ ضروري آهي.
رورل ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جي نمائندي ثناءُ الله لغاري چيو ته اهي منصوبا ڪميونٽي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ٺاهيا ويا آهن.
Prev Post
You might also like