ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور جي کروڙ واري علائقي ۾ تيرنھن ورھين جي نينگري سان مبينا طور جنسي زيادتي الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار، نينگري مومل سولنگي ڳورھاري ھئڻ ڪري سندس جنسي زيادتي جي تصديق، ڪشمور واسي تيرنھن ورهين جي نياڻي مسمات مومل سولنگي کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، نينگري 5 مھينن جي ٻار سان ڳورھاري ٿي وئي متاثر نينگري جي وارثن نياڻي سان زيادتي ٿيڻ بعد ڪشمور ٿاڻي تي پھتا، ڪشمور پوليس پاران نياڻي جو سول اسپتال ڪشمور مان ميڊيڪل ڪرايو ويو ڪجهه ڏينهن بعد رپورٽ پوليس حوالي ٿيندي، ڪشمور پوليس پاران شروعاتي جاچ ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري پنج مھينن کان ڳورھاري ھجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ٻئي پاسي متاثر ناري مومل سولنگي جي والد ليحاق سولنگي ٻڌايو ته جوابدار پليو سولنگي جيڪو گذريل پنج مھينن کان نياڻي زيادتي ڪندو رهيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ڪشمور پوليس ناري سان مبينا زيادتي الزام هيٺ آيل جوابدار کروڙ واسي پليو سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.