فلسطيني شهيدن جو انگ ٽن هزارن کان وڌي ويو، شهري مصري سرحد پهچي ويا

يروشلم (م ڊ) غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو جتي اسرائلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ ٽن هزارن کان وڌي ويو آهي جڏهن هزارين فلسطيني زخمي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن. اسرائيلي فوج طرفان 250 هٿين خالي فلسطينن کي ڌوکي سان قتل ڪرڻ واري منظر دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. اسرائيل پنهنجي ئي ڏنل مهلت دوران لڏپلاڻ ڪندڙن تي حملو  ڪري ڏنو ۽ آمريڪي نشرياتي اداري اسرائيل جي محفوظ رستن واري ڪوڙ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اسرائيلي بربريت سبب اسپتالون به محفوظ ناهن رهيون، صيهوني هوائي فوج غزا جي عرب نيشنل اسپتال تي به حملو ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڪيئي ڊاڪٽر شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ڪراسنگ ۾ موجود اسپتال کي به خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. اسرائيل طرفان آچر واري ڏينهن حملن ۾ حماس ڪمانڊر معيتاز عيد کي شهيد ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وهئي آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطنين جا مڙهه رکڻ لاءِ اسپتالن جي مرده خانن وڌيڪ گنجائش ناهي رهي ۽ شهيدن جا مڙهه آئس ڪريم ٽرڪن ۽ ريفريريٽر گاڏين ۾ رکيا پيا وڃن . هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملڻ ۾ مارجي ويل آمريڪين جون انگ ٽيهه ٿي ويو آهي ۽ تيرنهن آمريڪي اڃا تائين گم آهن. اسرائيلي فوج موجب، حماس 155 اسرائيلن کي يرغمال بڻايو آهي، ان کان اڳ يرغمالي اسرائيلن جو انگ 126 ٻڌايو ويو هو. اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا. ڪراچي: اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا، اسرائيل پاران غزه جي ناڪابندي سبب لکين فلسطيني بک، بيمارين، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لڳا آهناسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا. پرڏيهي خابرو ادارن موجب آمريڪا، اسرائيل ۽ مصر متاثر فلسطينين جي لاءِ رفح جي سرحد کولڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، مصر سان لڳندڙ سرحد رفاح تي هزارين فلسطيني گڏ ٿي ويا، هزارين ماڻهو مصر جي سرحد کلڻ جي انتظار ۾ بيٺل آهن پرڏيهي ميڊيا موجب سرحد کلڻ وقت اسرائيل ڏکڻ غزه ۾ فائربندي تي اتفاق به ڪيو آهي، گڏيل قومن جي انساني امداد واري اداري اسرائيل کي غزه جو ڪڙو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي  يو اين آر ڊبليو اَي جي سربراهه فلپ ليزرني چيو آهي ته غزه ۾ زندگيءَ جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي، اسرائيل غزه جو ڪڙو فوري طور ختم ڪري. غزه تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو، اسرائيلي فورسز لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين ۽ ايمبولسنز کي به نشانو بڻائڻ لڳيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.