ايران ۽ حزب الله اسرائيل جي صبر جو امتحان نه وٺن: نيتن ياهو

ڪراچي (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل جي سلامتي لاءِ جنگ هلي رهي آهي، هر قسم جي غفلت جي جاچ  ڪئي ويندي. عرب ميڊيا موجب تل ابيب ۾ پارليامينٽ کي خطاب ڪندي اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حماس وٽ يرغمال اسرائيلين جي واپسي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.هن چيو ته ايران ۽ حزب الله اسرائيل جي صبر جو امتحان نه وٺن

اسرائيل-فلسطين تڪرار جو ذميوار آمريڪا آهي: ايران

ڪراچي (م ڊ) ايران جو چوڻ آهي ته اسرائيل-فلسطين تڪرار جو ذميوار آمريڪا  آهي ۽ آمريڪي حڪومت يهودي رياست جي ظلمن جي ذميوار آهي. پريس بريفنگ ۾ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪناني چيو ته آمريڪا فلسطينين تي ظلم ڪندڙ يهودي رياست جي مدد ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اهي غير انساني ڪارروايون جاري رهيون ته صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي ويندي. هن چيو ته خطي ۾ آمريڪي جهازن جو موڪلڻ مظلومن جي بدران ظالم جي حمايت جو مظاهرو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪرار ۾ ايران جي شموليت بابت اڦواهون سياسي مقصدن لاءِ آهن ۽ اصل مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ آهن.

سخت سزائون ڏيڻ کانسواءِ عورتن جو جنسي استحصال بند نه ٿيندو: زهرا حسن

ڪوئٽا ( م ڊ ) عورتن جي حقن جي تنظيمن ڪوئيٽا ويڊيو اسڪينڊل جي جوابدارن جي  سخت سزا کان بچي وڃڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ 2 سال اڳ عورتن جي وڊيو اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عدالت 2 گرفتار جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته عورتن جي حقن جي تنظيمن 6 ۽ 3 سال قيد جي سزا کي گهٽ قرار ڏنو آهي. وڊيوز ٺاهي عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو اسڪينڊل 2021ع ۾ سامهون آيو هو، ڏوهارين وڊيو جي بنياد تي عورتن کي نوڪري جو آسرو ڏئي جنسي استحصال ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت واقعي جي مک جوابدار هدايت کي 6 سال ۽ سندس ساٿي خليل کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ان حوالي سان عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم شيڊ جي سربراهه چيو آهي ته عورتن جو جنسي استحصال ڪرڻ وارن کي موت جي سزا ملڻ گهرجي ها. وومين ليڊ آرگنائيزيشن جي سربراهه زهرا حسن چيو آهي ته سخت سزائون ڏيڻ کانسواءِ عورتن جو جنسي استحصال بند نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.