رضوان جي گرائونڊ تي نماز پڙهڻ تي ڀارتين کي اعتراز، آءِ سي سي کان ايڪشن جو مطالبو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي وڪيل وينيت جندال اسپورٽس پريزنينٽر زينب عباس کانپوءِ هاڻ پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي پويان پئجي ويو آهي.

وينيت جندال آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ميچ دوران گرائونڊ اندر نماز ادا ڪرڻ تي محمد رضوان خلاف آءِ سي سي کي شڪايت ڪري ڇڏي.

ڀارتي وڪيل پنهنجي درخواست ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته محمد رضوان جو اسٽيڊيم ۾ نماز پڙهڻ راند جي روح ۽ آءِ سي سي ظابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

ڀارتي وڪيل لکيو ته رضوان نماز ادا ڪري ظاهر ڪيو ته هو مسلمان آهي جنهن سان راند جي روح کي شڪست ٿي، رضوان ان وقت نماز ادا ڪئي جڏهن ٽيم جا ٻيا رانديگر وقفي دوران پاڻي جو انتظار ڪري رهيا هئا.

جندال جو موقف آهي ته رضوان پنهنجي فتح کي غزا جي شهيدن جي ناءُ ڪيو جنهن مان سندس مذهب ۽ نظريو ظاهر ٿئي ٿو، آءِ سي سي سريلنڪا خلاف ميچ کٽڻ کانپوءِ محمد رضوان پاران فتح کي غزا جي ماڻهن جي ناءُ ڪرڻ تي ڪائي ڪارروائي ناهي ڪئي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 2021ع ۾ محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کٽڻ کانپوءِ ميدان ۾ نماز ادا ڪئي جنهن تي اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر وقار يونس چيو ته مون کي سٺو لڳو ته محمد رضوان هندن جي آڏو نماز پڙهي، ڪو به اهڙو عمل جنهن سان راند جي روح کي نقصان پهچي، اختيارين طرفان ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي.

ونينت جندال پاران درخواست ۾ آءِ سي سي کان محمد رضوان خلاف ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته وينيت جندال پريزينٽر زينب عباس تي ڀارتي مخالف ٽوئيٽ ڪرڻ جي پروپئگنڊا ڪئي ۽ سندس خلاف سائبر ڪرائم ۾ شڪايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.