ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ کي به ٻين راندين جيان باظابطا طور اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ( آءِ او سي ) ممبئي ٿيل سيشن ۾ ڪرڪيٽ کي لاس اينجلس اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
آرگنائزنگ ڪميٽي اولمپڪ گيمز لاس اينجلس ۾ 5 راندين کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.
انٽرنيشنل اولپمڪ ڪميٽي جي سيشن ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ بيس بال، سافٽ بال، فيلگ فٽبال، لاڪروس ۽ اسڪواش کي به اولمپڪ 2028 جو حصو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي.
او آءِ سي موجب، لاس اينجلس اولمپڪ گيمز 2028ع ۾ ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏي ويندي.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ تي آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي به خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ جي اولمپڪ ۾ شموليت تي آءِ سي سي چيئرمين گريگ چيوته هو لاس اينجلس اولمپڪس گيمز ۾ ڪرڪيٽ جي باظابطا شموليت واري اعلان تي پرجوش آهي، ڪرڪيٽ کانسواءِ اولمپڪس ۾ شامل ٿيندڙ ٻيون رانديون رانديگرن ۽ مداحن لاءِ سٺيون ثابت ٿينديون.
گريگ بارڪلي چيو ته انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ۽ ايل اي 28 جي سپورٽ آءِ او سي جو اسان جي اداري جي ورلڊ ڪلاس ايونٽ پيش ڪرڻ جي صلاحيتن تي يقين تي شڪريو ادا ڪيان ٿو، اڃا ته شروعات آهي ۽ اسان کي ان سفر جو شدت سان اوسيئڙو آهي.
You might also like