فرانسيسي فٽبالر بينزيما به فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو

فرانس سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر ڪريم بينزيما به اسرائيلي ظلم جو شڪار فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو.
يهودي فوج طرفان گذريل 9 ڏينهن کان غزا تي بمباري جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 26 سئو کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
آمريڪا، برطانيا ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ فلسطينين جي حق ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن ۽ عالمي برادري کان اسرائيل کي لغام ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
هاڻ فرانس جي جڳ مشهور فٽبالر ڪريم بينزيما به فلسطينين جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي.
ڪريم بينزيما ايڪس تي لکيو ته اسان جون دعائون غزا جي مقامي ماڻهن لاءِ آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر ناانصاف بمباري جو نشانو بڻجي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار ۽ عورتون به محفوظ ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.