مس ورلڊ جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سندري 26 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

2015 ۾ مس ورلڊ مقابلي ۾ يوروگوئي جي نمائندگي ڪندڙ مس ورلڊ ڪنٽيسٽنٽ شيريڪا ڊي آرمس 26 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شيريڪا جو موت 13 آڪٽوبر تي سروائيڪل ڪينسر سان وڙهڻ کانپوءِ ٿيو، هن جي تازو ڪيميو ٿراپي کانپوءِ ريڊيوٿراپي مڪمل ٿي هئي.
شيريڪا ڊي آرمس جي اهڙي اوچتي موت تي يوروگوئي سميت ويجهن شهرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ۽ ڪيترن ئي اداڪارن به ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
چين ۾ ٿيل مس ورلڊ مقابلي ۾ 26 ورهين جي شيريڪا ٽاپ 30 ۾ نه اچي سگهي هئي، جڏهن ته ان وقت سندس عمر رڳو 18 سال هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.