اداڪارا نوال سعيد پاڪستاني ڪرڪيٽرن بابت ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪري ڇڏي

اداڪارا ۽ ماڊل نوال سعيد دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جا ڪيترائي ڪرڪيٽر مون کي پنهنجي ويريفائيڊ اڪائونٽ تان ميسيج ڪندا آهن.
نوال سعيد تازو نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين بابت به ٻڌايو.
هن چيو ته مان ڪيريئر جي شروعات گلوڪارا طور ڪئي هئي پر پوءِ ڪمرشلز ۾ اچي ويس ۽ اداڪارا بڻجي ويس، مان ڪڏهن نه سوچيو هو ته ايڏي مقبوليت ملندي، مداحن جي ٿورائتي آهيان، جيڪي مون کي پسند ڪن ٿا.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽر سوشل ميڊيا تي مون کي ميسيج ڪندا آهن، ساٿي اداڪارن جا نه پر ڪرڪيٽرن جا گهڻا ميسيج ايندا آهن، جيڪي پڙهي مون کي حيراني ٿيندي آهي ۽ سمجهه ۾ ناهي ايندو ته توهان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، توهان جو ويريفائيڊ بليو ٽڪ آهي، توهان ڪيئن ڪنهن ڇوڪريءَ کي ميسيج ڪري ان جي تعريف ڪري سگهو ٿا؟
سندس چوڻ هو ته اها گهڻي عجيب ڳالهه آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي.
نوال سعيد ڪنهن جو به نالو کڻڻ بنا چيو اسان ته اداڪار آهيون، ماڻهن کي لطف اندوز ڪندا آهيون پر توهان ته گرين شرٽ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، توهان ائين نه ڪيو ڇو ته گهڻو عجيب لڳندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.