حارث رئوف ۾ بُمرا جهڙي قابليت نه آهي: وسيم اڪرم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سوئنگ جي سلطان ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ رڳو پيس ذريعي وڪيٽون نٿيون حاصل ڪري سگهجن.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي وسيم اڪرم چيو ته جيڪڏهن اوهان ڀارتي پِچن تي رڳو رفتار مان ڪم وٺندا ته ٽاپ بيٽرز اوهان کي وڪيٽ نه ڏيندا، جيڪڏهن اوهان کي فيلڊ کليل نظر اچي رهي آهي اوهان ڊاٽ بالز ذريعي بيٽرز تي دٻاءُ وجهڻو پوندو.

حارث رئوف جي ورلڊ ڪپ دوران وڪيٽون وٺڻ ۾ ڏکيائي بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڪو شڪ ناهي حارث وڪيٽون وٺندو آهي پر حارث سان اِهو مسئلو آهي ته هو تيزي سان رنسون ڏيندو آهي ڇو ته حارث جي بالنگ لينٿ مستقل نه آهي، جڏهن بُمرا جي بالنگ لينٿ هڪ جهڙي آهي، جيڪا قابليت حارث رئوف ۾ نه آهي.

وسيم اڪرم موجب، شاهين بدقسمت رهيو آهي هو هر ميچ ۾وڪيٽون ناهي وٺي رهيو منهنجي خيال ۾ ٻين بالرن کي به وڪيٽون وٺڻ گهرجن جڏهن ته شاهين پاڪستان لاءِ سٺي بالنگ ڪري رهيو آهي.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ت شاهين ڪيئي انجريز جو منهن ڏنو آهي، پهريان کيس گوڏي، پوءِ آڱر جي ڌڪ ۽ ان کان اڳ ٺونٺ جي انجري ٿي، انجري مان واپسي بعد بالر کي رڌم پڪڙڻ ۾ وقت لڳندو آهي، شاهين ڀارت خالف سٺي بالنگ ڪئي پر سندس لائين لينٿ سٺي نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.