اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته اسرائيل طرفان ڄاڻي واڻي بنا ڪنهن فرق جي غزا جي شهرين کي نشانو بڻائڻ نه رڳو انساني پر بين القوامي قانون جي به ڀڃڪڙي آهي.
وزيراعطم آفيس طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي پاڪستان کي غزا ۾ جاري تشدد ۾ انساني جانين جي زيان تي سخت خدشا آهن، اسان مظلوم فلسطيني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ ترت جنگبندي سميت غزا جي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.
Pakistan is deeply concerned on the ongoing violence and loss of life in Gaza. We stand in solidarity with the oppressed people of Palestine and call for an immediate ceasefire and lifting of the blockade in Gaza. Israel’s deliberate, indiscriminate and disproportionate targeting…
— Prime Minister’s Office (@PakPMO) October 16, 2023
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اسرائيل پاران غزا ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو عمل آهي، معصوم شهرين کي بڻانو بڻائڻ تهذيبي اصولن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي غزا تائين امدادي سامان جي پهچ لاءِ راهداري کولڻ گهرجي، هو غزا جي بگڙجندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ميمبرن ملڪن سان رابطي ۾ آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران پرڏيهي وزير 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزا جي عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ تي زور ڀريندو.