پاڪستان سرڪار مظلوم فلسطينن جي واهر ڪري: نواز شريف جي اپيل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اسرائيلي جارحيت کي رڳو فلسطين تي نه، پوري انسانيت تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف لکيو ته هزارين معصوم شهرين جي شهادت، انساني ضمبير لاءِ تمام وڏو سوال آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته دنيا کي ڄاڻڻ گهرجي ته فلسطين مسئلي جي مستقل حل کانسواءِ جٽادار امن خطري ۾ رهندو، پاڪستان سدائين جيان اڄ به پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺو آهي.

نواز شريف پاڪستان سرڪار اپيل ڪندي چيو ته حڪومت کي هر عالمي فورم تي فلسطيني ڪاز جي حق ۾ آواز اُٿارڻ گهرجي، حڪومت فلسطيني عوام کي خوراڪ، دوائون، بنيادي شين جي فراهمي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.

غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو جتي اسرائلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 2600 کان وڌي ويو آهي جڏهن هزارين فلسطيني زخمي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن.

اسرائيل فوج طرفان 250 هٿين خالي فلسطينن کي ڌوکي سان قتل ڪرڻ واري منظر دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.