غزا ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 2600 کان وڌي ويو، هزارين زخمي، 10 لک کان وڌيڪ بي گهر

غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو جتي اسرائلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 2600 کان وڌي ويو آهي جڏهن هزارين فلسطيني زخمي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن.

اسرائيل فوج طرفان 250 هٿين خالي فلسطينن کي ڌوکي سان قتل ڪرڻ واري منظر دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.

اسرائيل پنهنجي ئي ڏنل مهلت دوران لڏپلاڻ ڪندڙن تي حملو ڪري ڏنو ۽ آمريڪي نشرياتي اداري اسرائيل جي محفوظ رستن واري ڪوڙ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.

اسرائيلي بربريت سبب اسپتالون به محفوظ ناهن رهيون، صيهوني هوائي فوج غزا جي عرب نيشنل اسپتال تي به حملو ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڪيئي ڊاڪٽر شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ڪراسنگ ۾ موجود اسپتال کي به خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

اسرائيل طرفان آچر واري ڏينهن حملن ۾ حماس ڪمانڊر معيتاز عيد کي شهيد ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وهئي آهي.

ٻئي پاسي اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطنين جا مڙهه رکڻ لاءِ اسپتالن جي مرده خانن وڌيڪ گنجائش ناهي رهي ۽ شهيدن جا مڙهه آئس ڪريم ٽرڪن ۽ ريفريريٽر گاڏين ۾ رکيا پيا وڃن.

هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملڻ ۾ مارجي ويل آمريڪين جون انگ ٽيهه ٿي ويو آهي ۽ تيرنهن آمريڪي اڃا تائين گم آهن.

اسرائيلي فوج موجب، حماس 155 اسرائيلن کي يرغمال بڻايو آهي، ان کان اڳ يرغمالي اسرائيلن جو انگ 126 ٻڌايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.