شاهه محمود قريشي جيل ٽرائل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي به جيل ٽرائل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بئرسٽر تيمور ملڪ ۽ فائزا اسد ذريعي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ٽرائل ڪورٽ کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي، بنا نوٽيفڪيشن جي منهنجو جيل ٽرائل جاري آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالت جيل ٽرائل کان روڪي اوپن ٽرائل جي هدايت ڪري ۽ اڄ ئي درخواست تي ٻڌڻي ڪري.

شاهه محمود قريشي عدالت کان نوَ آڪٽوبر واري ٽرائل ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.