حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ ۾ رھندڙ ڌارين جي نيڪاليءَ جي لاءِ قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ نڪتل پيادل مارچ شھر جي مختلف علائقن شھباز بلڊنگ، گل سينٽر ۽ ايس پي چوڪ کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب پھتو، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، پيادل مارچ ۾ وڏي انگ ۾ جسقم جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ھٿن جھنڊا ۽ پلي ڪارڊ کنيل قومي ڪارڪن سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي جي لاءِ “گو افغاني گو، ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو، سنڌ اسان جي ماءُ آھي” سميت ٻيا زوردار نعرا ھڻندا رھيا. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان سمورن ڌارين جي نيڪالي جي لاءِ جلد ئي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گڏ ٿبو، بحريا ٽائون جي غير قانوني قبضاگيري جو معاملو هجي يا سنڌ جي ٻيٽن جو مسئلو جسقم ثابت قدمي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي. ھن چيو تھ سنڌين کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، تڏهن ئي اسان سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏياري سگهنداسين، سنڌ ۾ ڌارين کي لکين ايڪڙ زمينون، روزگار، رھائشي ڪالونيون، سٺي تعليم ۽ صحت سميت ٻيون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ٿيون، پر سنڌ جي ڌرتي ڌڻين لاءِ سٺي تعليم، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، روزگار ۽ روڊ رستا ناهن، سنڌ مان پيٽرول ۽ گيس نڪري ٿو، پر سنڌ جي ماڻھن کي ٻن وقتن جي ماني به ميسر ناهي، جڏھن تھ پر ڌاريا سنڌ جي سمورن وسيلن تي قابض آهن. ھن چيو تھ سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي وئي آھي، ڪڏهن صحافين کي قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي. ھن چيو تھ افغان پناھگيرن سميت ٻيا غير ڌاريا نھ صرف سنڌ جي وسيلن، روزگار ۽ خوراڪ تي بار آھن، پر اھي ڌاريا سنڌ ۾ امن امان جي بگاڙ، ڌرتي ڌڻين جي قتلام سميت دھشتگردي جھڙن وڏن واقعن ۾ پڻ ملوث رھيا آھن، جنھن جا ثبوت خود حڪومتي ادارا بھ سامھون آڻيندا رھيا آھن. ھن چيو تھ ھن ملڪ جي وڏي عدالت بھ اھو ثابت ٿيو ھو تھ سنڌ ۾ 40 لک کان وڌيڪ غير قانوني طور تي آيل ماڻھو موجود آھن، پر انھن کي ڪڏھن بھ پنھنجن ملڪن ڏانھن ناھي موڪليو، سنڌ جي روزگار ۽ وسيلن تي ٻين صوبن جي ماڻھن جو بھ وڏو بار پيل آھي، اسان چئون ٿا تھ سنڌ جي وسيلن، زمين ۽ روزگار تي صرف ڌرتي ڌڻين جو حق آھي. ھن چيو تھ سپريم ڪورٽ جو واضع حڪم آھي ته ڌارين کي نيڪالي ڏيو، پوءِ ڇو حڪمران خاموش آھن. ھن چيو ته سنڌ ڏانھن ڪير به ميري اک کڻندو ته ان سان مھاڏو اٽڪائينداسين، اسان سائين جي ايم سيد ۽ شھيد بشير خان قريشي جي عدم تشدد واري سياست جا پيروڪار آھيون، سنڌ جي مالڪي، وارثي، حق حاڪميت ۽ وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي جسقم جا ھٿ اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ھر سنڌي ماڻھو کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ھن چيو ته جلد سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي. امجد خان مھيسر چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت افغان ڪئمپون ڪراچي ۾ ھڻي لکين افغانين کي آباد ڪيو ۽ اھا گھر ڪئي تھ افغانين، بنگالين ۽ بيھارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، ماضيءِ ۾ بھ شھيد بشير خان قريشي پنھنجن ھٿن سان افغانين جون ڪئمپون پٽي ڏيکاريون ھيون، ھاڻ به حڪومت ڌارين کي نه ڪڍيو ته اسان انھن جي ڪئمپن کي پٽي ڇڏينداسين، جڏھن سپريم ڪورٽ جو حڪم آھي ته پوءِ سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا افغانين سميت سمورن ڌارين کي ٻاھر ڇو نٿي ڪڍي، ھن چيو تھ اسلام آباد ۾ ويٺل ھڪ مولانا چئي ٿو ته افغاني اسان جا مسلمان ڀائر آھن، انھن کي نيڪالي نه ڏيو، مولانا اھو ٻڌي ڇڏي ته سنڌ جا وارث سنڌي آھن، اوھان جي پاليسي نه ھلندي، جسقم ڌرتي ماءُ کي بچائڻ آئي آھي، سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ سمورا سنڌي پاڻ ۾ منظم ۽ متحد ٿين. مومن سمون چيو ته جسقم جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو، سنڌ ۾ دھشتگردي، انتھاپسندي، بدامني ۽ منشيات افغاني کڻي آيا آھن، انھن سان گڏ اسان سنڌ ۾ پنجابين ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن کي به ڌاريو سمجھون ٿا، انھن سڀني کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. ھن چيو ته ڌاريا سنڌ جي پاڻي، ناڻي سميت سمورن وسيلن تي قابض آھن، انھن کي ڌرتي جا ڌڻي قبول نه ڪندا. ديدار شام چيو ته سنڌ سنڌين جي آھي، ھتي افغاني، بنگالي، برمي ۽ بيھارين سميت ٻيو ڪو به ڌاريو قبول ناھي، انھن کي فوري طور سنڌ مان تڙي ڪڍيو وڃي. ھن چيو ته حيدرآباد جي عوام جسقم جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو. ڏاڏا اطھر سومرو چيو ته جسقم سنڌ جي ھڪ عوامي طاقت آھي، جيڪا ھر سنڌ جي دشمن ۽ ظالم جابر حاڪمن تي نظر رکيو ويٺي آھي، سنڌ جو عوام اٿي پيو ته دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ جي زمين، حق حاڪميت ۽ وسيلن تي قابض نٿي ٿي سگھي. ھن چيو ته جسقم سائين جي ايم سيد ۽ شھيد بشير خان قريشي جي فڪر ۽ فلسفي تي ھلي پئي، حيدرآباد ۾ ھزارين ماڻھن سنڌ دشمنن کي جواب ڏئي رھيو آھي ته سنڌ جا مالڪ سنڌ جا وارث سنڌي آھن. پيادل مارچ ۾ جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت ٻين اڳواڻن، وڪيلن ۽ سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.