قومي، عالمي ميڊيا ۽ مبصرن لاءِ چونڊ ظابطا اخلاق جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا، مقامي توڻي پرڏيهي ميڊيا ۽ مبصر ڪنهن سياسي جماعت ۽ اميدوار لاءِ تعصب ۽ ترجيح جو اظهار ن ڪندا، شروعاتي نتيجا نشر ڪرڻ وقت ٻڌايو ويندو ته هي غيرسرڪاري ۽ اڻپورا نتيجا آهن، آر او طرفان اعلان تائين حتمي نه سمجهيو وڃي.

ضابطا اخلاق موجب، چونڊ مهم دوران قومي ميڊيا پاڪستان جي نظرئي ۽ خودمختياري جو مڪمل خيال رکندي، سيڪيورٽي، عدليا ۽ ٻين قومي ادارن کي آزادي ۽ ساليمت خلاف تعصب تي ٻڌل راءِ جي عڪاسي نه ٿيندي.

هڪ اميدوار جا ٻئي تي الزام هجڻ جي صورت ۾ ٻنهي طرفان تصديق ڪئي ويندي، پيمرا، پي ٽي اي، پي آءِ ڊي، اطلاعات کاتي جو سائيبر ڊجيٽل ونگ سياسي جماعتن ۽ اميدوارن کي ڏنل ڪرويج مانيٽر ڪندو، چونڊن واري ڏينهن کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ مهم ختم ڪئي ويندي.

عالمي ميڊيا ۽ مبصرن کي چيو ويو آهي ته پنهنجي ويزا درخواست وقت تي ڏين، ويزا جو مدو پورو ٿيندي کين پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ضابطا اخلاق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري، ماڻهن جي آزادي ۽ بنيادي حقن جو احترام به لازمي هوندو، مبصر خاطري ڪرائيندا ته سندن مشاهدو ۽ رپورٽنگ، اڻ ڌري، بامقصد ۽ درست آهي، عالمي ميڊيا ۽ مبصر ڪنهن به سياسي جماعت جو نشان يا رنگ نه پائيندا.

ضابطا اخلاق موجب، قومي مبصر به مُلڪي خودمختياري ۽ ماڻهن جي بنيادي حقن جو احترام ڪندا، مُلڪ جي ثقافت ۽ روايت جو احترام ڪيو ويندو، ڀڃڪڙي تي ايڪريڊيشن رد ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.