مومن ثاقب پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ويزا نه ملڻ تي ڏُکارو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني يوٽيوبر ۽ اداڪار مومن ثاقب کي ڀارتي جي ويزا ته نه ملي پر هو پُرعزم آهي گهر ۾ ويهي پاڪستان ٽيم کي سپورٽ ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستاني يوٽيوبر پاڪ-ڀارت ورلڊ ڪپ ميچ اسٽيڊيم ۾ ڏسڻ خاطر ٻه ڏينهن اڳ ڀارتي ويزا لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي جيڪا قبول نه ٿي سگهي.

هاڻ مومن ثاقب پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته آهي ته آخر وقت تائين ويزا جو انتظار ڪرڻ باوجود ويزا جاري نه ٿي سگهي.

هن چيو ته گذريل ڇهن ورهين دوران ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته هو پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود نه هجي.

سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ جتي جتي به قومي ٽيم جون ميچون ٿيون اتي موجود هئس، جيڪڏهن ويزا ملي وڃي ها ته اڄ ڀارت ۾ قومي ٽيم جو حوصلو بلند ڪري رهيو هجان پر ائين ممڪن نه ٿي سگهيو.

مومن ثاقب وڊيو پيغام جي ڪيپشن ۾ اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن کي درخواست ڪئي ته مونکي اسٽيڊيم مان پنهنجي وڊيوز ۽ اسٽوريز ۾ ٽيگ ڪريو، مان پاڪ ڀارت ٽاڪري لاءِ پرجوش آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.