شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن.
پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڏوهارين جي مائٽن ۽ ساٿين جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن، ڪچي سان گڏ پڪي مان به گرفتاريون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پوليس پاران جتوئي برادري سان واسطو رکندڙ پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن تي به دٻاءُ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شڪارپور پوليس پاران آءِ جي سنڌ کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته گرفتار ٿيل ڌاڙيلن مان ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو ويندو.
گرفتار ڪيل ڏوهارين کان جاچ وارو معاملو ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي حوالي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب جتوئي برادري جي اهم ماڻهو وزير جتوئي، عالم ۽ انهن جو هڪڙي ڊرائيور سميت 6 ڄڻا گرفتار ٿيل آهن جن پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ان کانسواءِ مهر بڊاڻي ڌاڙيل کي انٽروگيشن ڪرڻ لاءِ آءِ جي سنڌ جي حڪم تي جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ جي حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس جي اها حڪمت عملي آهي ته جيڪڏهن پوليس عملدار بازياب ٿي ويا ته ان جي بدلي ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل مهر بڊاڻي جتوئي کي ماريو نه ويندو ۽ سندس گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي ۽ مٿس داخل ٿيل ڪيسن ۾ به نرمي ڪئي ويندي مغوي اهلڪارن جي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ پوليس وڌيڪ گرفتاريون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايس ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پوليس جي نفري کي وڌايو ويو آهي جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز کي به طلب ڪيو ويندو ۽ ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي ٻاهران پوليس کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب گرفتار ٿيل ايس ايڇ او شگر جو مريض آهي جنهن جي هن وقت طبيعت گھڻي خراب آهي.
You might also like