تربت ۾ فائرنگ، هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين سميت ڇهه پورهيت قتل، ايس پي معطل

تربت ( ويب ڊيسڪ ) تربت جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ گهر اندر فائرنگ ۾ 6 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، جڏ

تربت جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربندن گهر اندر فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 6  پورهيت قتل قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ۾ قتل ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي پورهيتن جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي.

پوليس موجب، پورهيت تعميراتي ڪم لاءِ تربت آيا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي بلوچستان جي نگران وڏي وزير پورهيتن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي تي ايس پي کي معطل ڪري ڇڏيو جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ  کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته پورهيتن جي قتل ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.