نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪيترين ئي اداڪارائن انڪشاف ڪيو آهي ته کين ڪم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، کين چيو ويندو آهي ته توهان کي نوڪري تڏهن ملندي جڏهن توهان اسان سان دوستي ڪنديون.
تنهن ڪري اداڪارا بڻجڻ لاءِ ڪجهه ڇوڪرين کي سوديبازي ڪرڻي پوندي.
بالي ووڊ اداڪارا ايشا گپتا اهڙي صورتحال بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته کيس جنسي لاڳاپن کان انڪار ڪرڻ تي فلم مان ڪڍيو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايشا گپتا چيو آهي ته هڪ فلم جي اسسٽنٽ پروڊيوسر جنسي لاڳاپن جي آڇ ڪئي.
انهن ڏينهن ۾ مان ساڻس گڏ هڪ فلم ۾ ڪم ڪري رهي هئس، اڌ کان وڌيڪ فلم مڪمل ٿي چڪي هئي، پر مون جنسي لاڳاپن کان انڪار ڪيو، ان ڪري مون کي فلم مان ڪڍيو ويو.
هن چيو ته مون کي هميشه ان ئي ڳالهه جي ڪري گهٽ ڪم مليو پر مان مطمئن آهيان ته سوديبازي نه ڪئي.