ڪبريٰ خان جي حوالي سان مواد سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏيو:ايف آءِ اي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سوشل ميڊيا تي اداڪاره  مهوش حيات ۽ ڪبريٰ خان خلاف عادل فاروق راجه جي ڪوڙي مهم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل  پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت ۾ ٻڌايو ويو ته ڪبريٰ خان جي حوالي سان ڪوڙو مواد سوشل ميڊيا تان هٽايو ويو آهي، عدالت ڪبريٰ خان جي وڪيل کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي فوجي آفيسر ميڊيا سان تعلق رکندڙ اداڪارائن خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙ الزام لڳايا آهن جنهن سان هنن جي ساک متاثر ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.