کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين جي جي آءِ ايس ميپنگ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي کي کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين جي  جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ، ٻيلن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ غيرقانوني قبضي کي ختم ڪندي زمين واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري ٻيلو کاتو نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ رياض وڳڻ، ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف جاويد مهر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. نجم شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته 232205.7 ايڪڙ حددخلين مان 191175.2 ايڪڙ زمين هٿ ڪئي وئي آهي ۽ اڃا تائين 41030.5 ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آهي. ان تي وڏي وزير کاتي کي ضلعي پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان قبضو ڪيل زمين واپس ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻيلي جي هڪ انچ زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندس وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٻيلن جي 34713.05 ايڪڙ زمين غير قانوني طور الاٽ ڪئي وئي جنهن مان 21274.56 ايڪڙ رد ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته 13438.49 ايڪڙ زمين جي باقي غير قانوني الاٽمينٽ ختم ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته کيرٿر نيشنل پارڪ ڪراچي کان صوبي جي باقي سمورين ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي زمين جي جي آءِ ايس ميپنگ حاصل ڪئي وڃي. جسٽس باقر وائلڊ لائيف اينڊ فاريسٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته نيشنل کيرٿر پارڪ جي ڪراچي کان دادو تائين جي بائونڊري جي جي آءِ ايس ميپنگ ڪري خاردار تارون لڳايون وڃن. هن واضح چيو ته ڪراچي ۾ نيشنل کيرٿر پارڪ کان دادو ضلعي تائين جي زمين تي قبضا برداشت نه ڪندس جيڪڏهن زمين تي ڪوبه غير قانوني عمل ٿيو ته ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کاتو ذميوار هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.