سنڌ سرڪار پاران ايم ڊي ڪيٽ نتيجا رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ايم ڊي ڪيٽ 2023 جي انٽري ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪرڻ ۽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب نگران وڏي وزير ٽيسٽ رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڏني آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نتيجن جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏني وڃي، ترجمان ٻڌايو ته وڏي وزير جي حڪم موجب اڳوڻا نتيجا رد ڪري هاڻ ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ ٻيهر ورتي ويندي، وڏي وزير ڊائو يونيورسٽي کي ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي ۾ 6 هفتن ۾ ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ميڊيڪل ڪاليجز داخلا ٽيسٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي بليو ٽوٿ جي ذريعي وڏي پئماني تي ڪاپي ڪيس سامهون اچڻ بعد هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجز انٽري ٽيسٽ متعلق فيصلو برقرار رکندي 6 هفتن ۾ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ٻئي پاسي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان سنڌ حڪومت پاران ايم ڊي ڪيٽ جي جاچ رپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي‏، جاري پريس رليز موجب سنڌ ۾ تقريبن 40 هزار مرد ۽ عورت اميدوارن 10 سيپٽمبر تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پاران 1700 اوپن ميرٽ سيٽن لاءِ ڪرايل ايم ڊي ڪيٽ ۾ حصو ورتو هو، مبينه پيپر ليڪ ٿيڻ ۽ ڪاپي جي واقعن جي منظرعام تي اچڻ بعد ٽيسٽ پنهنجي ساک وڃائي ڇڏي آهي، ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود انڪوائري رپورٽ اڃا تائين منظرعام تي نه آندي وئي آهي. جاچ رپورٽ جي شفافيت تي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.