اسلام آباد(بيورو+ اي پي پي) ايندڙ عام چونڊن کي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف نموني منعقد ڪرڻ لاءِ ضابطا اخلاق تي سياسي پارٽين سان مشاورتي اجلاس (اڄ) اربع تي ٿيندو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس منجهند جو 2 وڳي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندو. پهرين اهو اجلاس 4 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو هو جڏهن ته ان کي هاڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن مطابق 21 سياسي پارٽين کي مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني وئي آهي.
ڪو به ملڪ ايران تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري: پرڏيهي ترجمان
تهران (م ڊ) ايران خبردار ڪيو آهي، ته حماس طرفان اسرائيل تي حملي بعد ڪو ملڪ ايران تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. جرمن نشرياتي اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني وضاحت ڪئي آهي ته سندس ملڪ ان تڪرار ۾ شريڪ ناهي ۽ اسرائيل جي حڪومت ان تڪرار کي بهانو بڻائي ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي. هن چيو ته ايران تي حملو ڪرڻ جو بيوقوفاڻو عمل تباهه ڪن نتيجا سامهون آڻيندو.
فرانس ۽ اسپين پاران فلسطينين جي امداد روڪڻ جي مخالفت
ميڊرڊ (م ڊ) اسپين چيو آهي ته اسرائيل تي حماس جي حملي جي تناظر ۾ فلسطينين جي ترقياتي امداد معطل ڪرڻ واري يورپي يونين جي فيصلي سان متفق ناهيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسپين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته سندن پرڏيهي وزير يورپي ڪمشنر اوليور ورهيلي کي آگاه ڪيو آهي ته هو ان فيصلي سان متفق ناهن. هوڏانهن فرانس به فلسطينين لاءِ امداد روڪڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، پرڏيهي ترجمان چيو ته فرانس اسرائيل ۾ تشدد وارين ڪاررواين جي ردعمل ۾ فلسطينين کي سڌي ريت فائدو پهچائيندڙ امداد معطلي جي حق ۾ ناهي
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي بزرگ شهري قتل
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي قصبا ڪالوني ۾ ڦورن 72 سالن جي شهري کي سندس گهر آڏو ڦر دوران فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو پوليس موجب ڦورو مقتول جي پوٽي جو بينڪ کان پيڇو ڪندا آيا مقتول جو پوٽو بينڪ مان 10 لک رپيا رقم کڻي نڪتو هو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي پوٽي گهر پهچڻ دوران رڙيون ڪيون سندس ڏاڏي حبيب الله جيئن ئي گهر جو دروازو کوليو ته ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، مقتول 18 ٻارن جو پيءُ هو ۽ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندو هو
وچ اوڀر جو بحران ناڪام آمريڪي پاليسي جو نتيجو آهي: پيوٽن
ماسڪو(م ڊ) عراقي وزيراعظم محمد شيعه السوداني ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.عراقي وزيراعظم سان ملاقات ۾ صدر پيوٽن اسرائيل-فلسطين ڇڪتاڻ تي چيو ته هي بحران وچ اوڀر ۾ آمريڪي ناڪام پاليسي جو واضح مثال آهي.هن چيو ته آمريڪا خطي ۾ امن جي ڪوششن تي اجارداري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آمريڪا انهن سمورن ٺاهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جيڪي سڀني لاءِ قابل قبول هئا.روسي صدر موجب آمريڪا فلسطينين جي مفادن ۽ الڳ فلسطيني رياست جي ضرورت کي نظرانداز ڪيو،هوڏانهن اتر ڪوريا غزه ۾ خونريزي جو الزام اسرائيل تي مڙهيو آهي اتر ڪوريا جي حڪمران پارٽي جي ترجمان روڊونگ سنمون اخبار ۾ هڪ مضمون ۾ لکيو ته غزه ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ فلسطيني عوام خلاف اسرائيل جي مسلسل مجرمانه ڪاررواين جو نتيجو آهي.