ڪابل(م ڊ) افغانستان جي صوبي هرات ۾ 7 آڪٽوبر تي آيل6.3 شدت جي زلزلي سبب فوتين جو انگ اٽڪل 4 هزار ٿي ويو آهي. زلزلي متاثر علائقن م ڪيترائي آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن، باقي رهيل ماڻهو پنهنجي گهرن جي ملبي هيٺان راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب وسيلن جي کوٽ سبب امدادي ڪارروائين ۾ پڻ ڏکيائيون درپيش آهن. فوتين ۽ زخمين جي انگ ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي.