سردارن ،جاگيردارن مان جان ڇڏائڻي پوندي: سيد خليل احمد

ڪراچي(رپورٽر)عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان جي مرڪزي ڪابينا ڪراچي پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي سڄي سنڌ ۾  ميمبر شپ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي چيئرمين سيد خليل احمد، سينيئر وائيس چيئرمين عمران ميمڻ، وائيس چيئرمين نديم جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ميان الياس عباسي، فنانس سيڪريٽري سارنگ پيرزادو، جوائنٽ سيڪريٽري شيراز نائچ ۽ پريس سيڪريٽري ارشد ٽالپر موجود هئا.اڳواڻن چيو  ته جيڪڏهن سنڌ سميت سڄي پاڪستان کي سردارن، گادي نشينن ۽ جاگيردارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ نوجوانن کي هڪ قوت بڻجي اڀرڻو پوندو، جيڪڏهن پاڪستان جا نوجوان اسان جو ساٿ ڏين ته اسان گڏجي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا،هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بدترين زندگي گذاري رهيا آهن.پاڪستان جي عوام کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو اڄ افغان مهاجرن جي واپسي کان انڪار ڪري رهيا آهن انهن جي اڪثريت ڊيورنڊ لائن کي نه مڃيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.