مڪي آرٿر سريلنڪن ٽيم بابت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٻي ميچ اڱاري ڏينهن ڏهه آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف کيڏندي ميچ کان اڳ قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر آءِ لينڊرز بابت وڏي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميلي ۾پاڪستان ڪمزور مخالف نيڌرلينڊز کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ فتح سان شروعات ڪري چڪو آهي پر اڳتي گرين شرٽس مضبوظ ٽيمن سان ميچون کيڏڻيون آهن، پاڪستان جي ايندڙ ميچ حيدرآباد دکن ۾ ڏهه آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف شيڊيولڊ آهي.

ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر سريلنڪن ٽيم ببات وڏي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي مڪي آرٿر چيو ته هو سريلنڪا جي سگهه ۽ ڪمزوري ٻئي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.

هن چيو ته هو ماضي ۾ سريلنڪن ٽيم جو ڪوچ رهي چڪو آهي انڪري آءِ لينڊرز جون خاميون ۽ خوبيون ڄاڻي ٿو.

هن سريلنڪا کي خطرناڪ ٽيم قرار ڏيندي چيو ته آءِ لينڊرز کي هارائڻ لاءِ گرين شرٽس کي پوري ڪوشش ڪرڻي پوندي، انڪري هو مخالف ٽيم جي خوبين ۽ خامين کي نظر ۾ رکندي ايندڙ ميچ جي رٿابندي ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.