خبردار! منافعي جي لالچ ۾ جعلي اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري نه ڪيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيڙپڪاري جي جعلي اسڪيمن کان خبردار ڪيو آهي.
سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن موجب آن لائن ۽ ٻين ذريعن سان مارڪيٽنگ ڪئي ويندڙ سيڙپڪاري ۽ منافعي جي غير قانوني اسڪيمن جي دوکي کان بچو.
اسيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ۽ غير حقيقي منافعي جي لالچ ۾ پنهنجي قيمتي سرمائي تان هٿ ڌوئي سگهو ٿا.
ايس اي سي پي طرفان ڪمپني ”ميليورٽيڪ“ جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني عوام کي آن لائن اشتهارن کي ڏسڻ جي مختلف پيڪيجن جي نالي تي آمدني ۽ منافعي جي لالچ ڏئي لُٽي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.