حماس جي اوچتي حملي جي منصوبابندي ۾ ايران مدد ڪئي: آمريڪي اخبار جي دعويٰ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل تي حماس جي اوچتي حملي جي منصوبابندي ۾ ايران مدد ڪئي.
آچر ڏينهن حماس ۽ لبنان جي حزب الله جي سينيئر ميمبرن جي حوالي سان وال اسٽريٽ جنرل رپورٽ ڪيو آهي ته ايراني سيڪيورٽي اختيارين اسرائيل تي حماس جي اوچتي حملي جي منصوبابندي ۾ مدد ڪئي.
اخبار موجب لبناني تخت گاهه بيروت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ايران طوفان الاقصيٰ آپريشن لاءِ گرين سگنل ڏنو.
اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته مبينا طور تي ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور حماس جي اسرائيل تي اوچتي حملي جي منصوبابندي ۽ اجازت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پر وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ موجب حماس جي هڪ اعليٰ عهديدار اصرار ڪيو ته گروپ آزاداڻي طور تي حملن جي منصوبابندي ڪئي هئي ۽ اهو حماس جو ئي فيصلو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.