ورلڊ ڪپ: انگلش ڪپتان کي ڌرمشالا ۾ کيڏڻ تي ڳڻتي، رانديگرن کي خبردار ڪري ڇڏيائين

ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾  ميچ ڌرمشالا ۾ کيڏي ويندي، پر ميچ کان اڳ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر کي خراب آئوٽ فيلڊ جي ڳڻتي ورائي وئي آهي.

ان ڏس ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي آئوٽ فيلڊ دوران محتاط رهڻو پوندو، جيڪڏهن آئوٽ فيلڊ خراب آهي ته پوءِ ٿورو هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته جڏهن اوهان پنهنجي مُلڪ جي نمائندگي ڪندا آهيو تڏهن احتياط نٿا ڪري سگهو، اوهان هڪ، هڪ رنس بچائڻ لاءِ زور لڳائيندا آهيو.

سندس چوڻ هوته رانديگرن کي فيلڊنگ دوران اعتماد رکڻو پوندو آهي، آئوٽ فيلڊ جي صورتحال بهتر نه آهي جيتري اِها ٿي سگهي يا جيتري سٺي هئڻ گهرجي.

ياد رهي ته ڌرمشالا ۾ پهرين ميچ دوران افغانستان ۽ بنگلاديش جي رانديگرن کي ڏکيائيون پيش آيون، آئوٽ فيلڊ سبب رانديگر سنجيدا انجري کان ذري گهٽ بچي ويا.

اختيارين طرفان ڌرمشالا جي پِچ کي خراب قرار ڏنو ويو هو، گذريل ڏينهن آئوٽ فيلڊ جي معائني کانپوءِ ان کي کيڏڻ لاءِ اوڪي قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.