اسرائيل فلسطين جنگ تي فاطما ڀٽو جو رد عمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاطما ڀٽو پاران فلسطين جي حمايت ۾ آواز اٿاريو ويو آهي ۽ اسرائيل جي فلسطينين تي ظلمن تي تنقيد ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن هڪ ٽويٽ ۾ فاطما ڀٽو ٻه رياستي حل واري تجويز کي شرم جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو ڪڏهن به ممڪن نه هو، فلسطين، فلسطينين جو گهر آهي.

هڪ ٻئي ٽويٽ م هن غزا تي اسرائيل جي قبضي تي تنقيد ۽ انسٽاگرام اهو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ اسرائيل حڪم ڏنو آهي ته غزا ۾ بجلي، پاڻي، گيس ۽ ٻارڻ بند ڪيو وڃي.

هن خبردار ڪيو ته اسرائيل فلسطينين خلاف ڪجهه خطرناڪ ڪرڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.