سون جي اگهن بابت اهم خبر

حماس ۽ اسرائيل جي جنگ جا اثر سون تي به پوڻ لڳا، عالمي مارڪيٽ ۾ سون تقريبن 30 ڊالر في اونس واڌ سان 1852 ڊالرن تي پهچي ويو.
حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه به وڌي ويا.
7 سپيٽمبر کان هيل تائين سون جي اگهه ۾ تقريبن 30 ڊالر في اونس واڌ ٿي چڪي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 1828 ڊالرن مان وڌي 1852 ڊالر في اونس تي پهچي وئي آهي.
پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک رپين کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون هڪ لک 92 هزار رپين کان وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.