افغانستان ۾ زلزلو، پاڪستان طبي امداد رواني ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ زلزلي کانپوءِ پاڪستان ميڊيڪل ٽيم ۽ دوائون افغانستان روانيون ڪري ڇڏيون.
صحت واري وزارت جي اختيارين موجب نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي 10 رڪني ميڊيڪل ٽيم ۽ دوائون افغانستان روانيون ڪيون ويون، ميڊيڪل ٽيم ۾ سرجنز ۽ ميل نرسز شامل آهن.
پاڪستان مان افغانستان رواني ٿيندڙ ميڊيڪل ٽيم پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي 2 نيورو سرجنز، 2 آرٿوپيڊڪ سرجنز ۽ هڪ جنرل سرجن تي ٻڌل آهي، ٽيم ۾ 5 ميل نرسز به شامل آهن.
اختيارين موجب ميڊيڪل ٽيم ضروري دوائن ۽ سامان سان گڏ اڄ صبح 10 وڳي افغانستان رواني ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.