غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي بنا رعايت تي بي دخل ڪيو ويندو: سنڌ جو گهرو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز موجب صوبي ۾ هيل تائين 18 سئو پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي بريگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته حساس علائقن ۾ پوليس جي نفري وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، زمينن تي غير قانوني قبضن خلاف سڀني ادارن جي ميمبرن تي ٻڌل ٽيم جوڙي پئي وڃي.
غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي حوالي سان هن چيو ته اهڙو طريقي ڪار واضح ڪري رهيا آهيون جيئن اهڙن عنصرن خلاف ون ونڊو آپريشن ٿئي، هيل تائين 18 سئو گرفتاريون ڪيون ويون آهن، غير قانوني طور رهندڙ ڪهڙي به ملڪ جا هجن، انهن کي بي دخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.