پي سي بي زخمي فاسٽ بالرن بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) فاسٽ بالر نسيم شاهه، احسان الله ۽ محمد حسينن جي سرجري ۽ ري هيب بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، نسيم شاهه ايشيا ڪپ دوران زخمي ٿيڻ بعد عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيو، سندس ڪُلهي جي سرجري ٿي چڪي آهي.

پڌرائي موجب، نسيم شاه فزيو ٿراپسٽ جي نگراني ۾ ري هيب مڪمل ڪندو، فاسٽ بالر جي ڪنڊيشن مسلسل نگراني ڪئي ويندي.

پي سي بي موجب، سرجري ڪندڙ ڊاڪٽرن هلندڙ مهيني نسيم شاهه جو معائنو ڪندا، فاسٽ بالر جو گذريل هفتي انگلينڊ ۾ آپريشن ٿيو، شروعاتي ري هيب اسپتال ۾ ٿيندو.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته احسان الله جي ٺونٺ کي چئن هفتن لاءِ براس ذريعي محفوظ رکيو ويو آهي، سندس براس پنجين هفتي ۾ هٽايو ويندو، جنهن کانپوءِ هو اين سي اي ۾ ري هيب مڪمل ڪندو.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فاسٽ بالر محمد حسنين آگسٽ ۾ انجري جو شڪار ٿيو هو، سندس سترنهن سپٽيمبر کان انگلينڊ ۾ ري هيب جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.