اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽن کي غلط بيان ڪرڻ جي ڪيس ۾ قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽن کي غلط بيان ڪرڻ جي ڪيس ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻين خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت صحافي جاويد چوڌري، شاهد ميتلا، پيمرا ۽ پريس ايسوسيئيشن آف پاڪستان کي به نوٽيس جاري ڪيو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته غلط ۽ من گهڙت طريقي سان مختلف ايونٽن کي ظاهر ڪري داغدار ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهري عاطف علي جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪيو، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار موجب ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست کانپوءِ هر هر اپيل ڪئي پر ڪو ايڪشن نه ٿيو، ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪري.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جاويد چوڌري ۽ شاهد ميتلا رڳو ويور شپ لاءِ ٻه آرٽيڪل لکيا، جنهن سان معاشري تي ناڪاري اثر پيو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ڪرمنل رويو سامهون آيو.
درخواست ۾ چيو ويو ته ڪرمنل ايڪٽ قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد جي ملي ڀڳت سان ٿيو، ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ صحافت جي آڙ ۾ آرٽيڪلز سان رياستي اداري جي ناڪاري تصوير پيش ڪئي وئي، اهڙا واقعا عوام ۽ ادارن ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.