ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل خلاف حماس جي حملن کان پوءِ جنگ جي صورتحال ۾ فلسطينين جي مظلوميت کي ظاهر ڪندڙ هڪ ريپ گانو هڪ ڀيرو ٻيهر وائرل ٿي رهيو آهي، جيڪو 14 سالن جي ريپر ايم سي عبدل 2020 ۾ پنهنجي اباڻي شهر عزاه تي اسرائيلي بمباري جي پس منظر ۾ رڪارڊ ڪيو هو. .
ڀارتي صحافي ويپل جي ٽوئيٽ ڪيل هن ريپ گاني ۾ غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني ريپ آرٽسٽ عبدالرحمان الشانتي کي اسرائيلي بمباري ۾ تباهه ٿيل پنهنجي اسڪول جي سامهون آزادي بابت هڪ ڏکوئيندڙ گيت ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هن گاني کي لکين ماڻهن پسند ڪيو آهي.
MC Abdul, a 14 year old rapper from Palestine 🇵🇸. pic.twitter.com/MF2rcPwAPs
— Vipul | विपुल (@vipulizm) October 7, 2023